ڪراچي جي ويلڊر جي دبئي ۾ ملڪيت نڪري آئي، ايف آءِ اي جي نوٽيس تي پورهيت پريشان

news

 ڪراچي: خميس 15 نومبر 2018ع: فالودي، رڪشي ۽ ٽيڪسي ڊرائيور، شاگرد، مرحوم ماڻهن ۽ کٽي جي ڪوڙي اڪائونٽن ۽ فيڪٽرين کانپوءِ هاڻي ڪراچي جي هڪ ويلڊر جي دبئي ۾ بنا نالي ملڪيت نڪري آئي آهي. ايف آءِ اي پاران نوٽيس موڪلڻ کانپوءِ پورهيت پريشان آهي ته سندس ڪراچي ۾ ڍنگ جو گهر ڪونهي ۽ دبئي ۾ ملڪيت ڪيئن ٺاهيندو؟

رپورٽن مطابق ايف آءِ اي نشتر روڊ گهانچي پاڙي جي رهواسي عمران نالي ويلڊر کي دبئي ۾ ملڪيت جي مالڪ هجڻ جي حوالي سان نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي، نوٽيس ملندي ئي عمران جي پيرن هيٺيان زمين نڪري وئي. ان حوالي سان سندس چوڻ هو ته گيٽ جالي ويلڊنگ جو ڪم ڪندو آهيان ۽ اڄ تائين پاسپورٽ ئي ناهي ٺهرايو ۽ ڪڏهن دبئي وڃڻ جو تصور به ناهي ڪيو.

عمران مطابق ايف آءِ اي طرفان مليل نوٽيس مان خبر پئي ته منهنجي نالي تي دبئي ۾ ملڪيت آهي، ايف آءِ اي 20 نومبر تي ملڪيت جي ڪاغذن سميت آفيس ۾ حاضر ٿيڻ جو نوٽيس جاري ڪيو آهي ۽ هاڻي آئون پريشان آهيان.