ڊاڪٽر رميش ڪمار کي متروڪا وقف املاڪ بورڊ جو چيئرمين بڻايو وڃي: چيف جسٽس

news

 اسلام آباد: خميس 15 نومبر 2018ع: سپريم ڪورٽ حڪومت کي متروڪا وقف املاڪ بورڊ جو چيئرمين اقليت مان لڳائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ بئنچ ٿرڪول پاور پلانٽ بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.  ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته ڊاڪٽر رميش ڪمار کي متروڪا وقف املاڪ بورڊ جو چيئرمين بڻايو وڃي.

چيف جسٽس ايڊيشنل اٽارني جنرل کي حڪم ڏنو ته اڄ ئي ڪابينا جي گڏجاڻي مان چيئرمين جي مقرري جي منظوري وٺو ۽ چيئرمين اقليت مان هجڻ گهرجي.