اسحاق ڊار جا اڪائونٽ بند: ڇٽيهه ڪروڙ پنجاب حڪومت ڏانهن منتقل

news

 لاهور: خميس 15 نومبر 2018ع: اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جا اثاثا منجمد ڪرڻ جي عدالتي حڪم تي عمل ڪندي اڳوڻي ناڻي واري وزير جي بئنڪ اڪائونٽس مان 36 ڪروڙ رپيا پنجاب حڪومت کي منتقل ڪيا ويا آهن.

عدالتي حڪم تي عمل ڪندي پهرين مرحلي ۾ اسحاق ڊار  جي لاهور جي علائقي گلبرگ ۾ ملڪيت تحويل ۾ وٺي پنجاب حڪومت حوالي ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ ڊي سي لاهور اڳوڻي ناڻي واري وزير جي بئنڪ اڪائونٽس لاءِ مختلف بئنڪن کي خط لکيا. ذريعن موجب اسحاق ڊار جي مختلف بئنڪن مان هڪ درجن کان وڌيڪ اڪائونٽس کي هاڻي منجمد ڪيو ويو آهي ۽ موجود 36 ڪروڙ رپيا پنجاب حڪومت کي منتقل ڪيا ويا آهن.

ذريعن موجب اسحاق ڊار جي اڪائونٽس مان پنجاب حڪومت کي منتقل ڪيل رقم نيب عدالت حوالي ڪرڻ بابت فيصلو بعد ۾ ڪيو ويندو. ذريعن موجب اسحاق ڊار عدالت ۾ پنهنجي بينگاهي ثابت ڪندو ته کيس ملڪيت واپس ڪئي ويندي.