خانگي اسپتالن جو مطلب رڳو پيسا ڪمائڻ ناهي: چيف جسٽس

news

 لاهور: جمعو 16 نومبر 2018ع: سپريم ڪورٽ پرائيويٽ اسپتالن ۾ مهانگي علاج بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس ۾ ڊي جي ايل ڊي اي کان اسپتالن جي اڏاوت بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

چيف جسٽس ميان ثاقب نثار سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ خانگي اسپتالن ۾ مهانگي علاج بابت پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي ڪئي، چيف جسٽس 2 پرائيويٽ اسپتالن جي علاج جي طريقي تي اعتراض ڪندي چيو ته ڊاڪٽر اسپتال ۽ نيشنل اسپتال بابت مطئمين نه ٿين، پرائيويٽ اسپتالن جو مطلب رڳو پيسو ڪمائڻ نه آهي.

چيف جسٽس اسپتالن جي اڏاوت بابت ڊي جي ايل ڊي اي کي رپورٽ 19 نومبر تي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.