شاگردن جو عالمي ڏينهن: سڌي ۽ اڻ سڌيءَ ريت شاگرد يونين تي پابندي برقرار

news

 ڄامشورو: ڇنڇر 17 نومبر 2018ع: اڄ سنڌ سميت پوري دنيا ۾ شاگردن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، اڄوڪي تاريخ تي شاگردن جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد پراگ جي شاگردن جي ڪيل جاکوڙ کي ڀيٽا ڏيڻ آهي. 1939ع ۾ جرمني پاران چيڪوسلواڪيا تي قبضي خلاف پراگ يونيورسٽي جي شاگردن پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، جنهن ۾ ڪجھه شاگردن کي قتل ڪرڻ سان گڏ سوين شاگردن کي جبري حراست ۾ رکيو ويو ۽ ذهني توڙي جسماني ٽارچر ڪيو ويو ۽ ان وقت پوري ملڪ اندر افراتفري وارو ماحول هو، جنهن کانپوءِ انهن شاگردن جي جدوجهد جي حمايت ۾ سڄي دنيا ۾ هر سال هي ڏينهن ملهايو ويندو آهي، اڄوڪي ڏينهن تي سڄي دنيا ۾ سيمينار ڪوٺائي جدوجهد تي انهن شاگردن  کي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي ويندي، شاگرد جدوجهد ڪرڻ، شاگردن جي حقن لاءِ جدوجهد تيز ڪرڻ جو وچن ورجايو ويندو. 

هن رياست  جي تعليمي ادارن اندر  گذريل 35 ورهين کان شاگرد سياست تي اڻ اعلانيل اڻ سڌي طرح پابندي هجڻ ڪري شاگرد پنهنجي بنيادي حق سياست کان محروم بڻيل آهن، جيڪا پابندي جرنل ضياءَ جي دور ۾  پشاور يونيورسٽي ۾ شاگرد يونين جي سالياني چونڊ دوران جهيڙي ۾ هڪ شاگرد عطاءَ الله جي قتل کي جواز بڻائي اڻ اعلانيل پابندي وڌي وئي هئي، جنهن ۾ شاگرد 1980 ع ۾ قتل  ٿيو، اپريل  1983ع ۾ رڳو پشاور يونيورسٽي ۾ شاگرد سياست تي پابندي هنئي وئي هئي، جنهن کي وڌائي 10 مهينن کانپوءِ يعني 9 فيبروري 1984ع ۾ پوري ملڪ جي تعليمي ادارن ۾ لاڳو ڪري شاگردن کي پنهنجن حقن لاءِ سياست ڪرڻ واري حق کان محروم ڪيو ويو، جنهن  کانپوءِ ملڪ اندر شاگرد يونين کي فعال ڪرڻ بدران ان تي سڌي ۽ اڻ سڌي طرح پابندي وڌل آهي.

1980ع ۾ تعليمي اداري اندر قتل ڪيل عطاءَ الله کان ويندي هن وقت تائين سنڌ يونيورسٽي،  مهراڻ يونيورسٽي، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽين جي 40 شاگردن سميت ملڪ اندر 300 جي لڳ ڀڳ اعليٰ تعليمي ادارن ۾ 500 کان وڌيڪ شاگرد پنهنجو پاڻ ۾ ٿيل جهيڙن سميت مختلف طريقن سان ماريا ويا آهن، جنهن کانپوءِ ملڪ کي هلائڻ لاءِ ڪو مثالي يا سٺو شاگرد سياسي ليڊر ايوانن ۾ ناهي پهتو، جيڪو ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪري سگهي. 

ٻئي طرف سنڌ ۾ ڏٺو وڃي ته شاگرد جدوجهد جي حوالي سان 4 مارچ، 31 مارچ ۽ 17 آڪٽوبر جا ڏينهن سنڌ جي شاگرد سياست  تاريخ ۾ اهم سمجهيا ويندا آهن، جنهن ۾ 31 مارچ ۾ قومي هلچل جي باني سائين جي ايم سنڌ يونيورسٽي ۾ 31 مارچ تي شاگرد ونگ جوڙي، 4 مارچ تي سنڌي شاگردن گڏجي ڄامشوري کان حيدرآباد تائين مارچ ڪيو، 17 آڪٽوبر 1984ع ۾ ڄامشوري کان لاڙڪاڻي ويندڙ شاگرد قافلي جي رستا روڪ ڪري مٿن فائرنگ ڪئي وئي، جنهن ۾ هڪ ملازم، 4 شاگرد قتل ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا، زخمين سميت سوين شاگردن کي گرفتار ڪيو ويو.

هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ انهن جي  تقدير بدلائڻ لاءِ شاگرد سياست تان پابندي هٽائي  ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي اعليٰ ادارن ۾ انتظامي عملدارن، آفيسرن، استادن ۽ ملازمن جي نمائندگي جيان شاگردن کي به نمائندگي ڏني وڃي، نه رڳو اهو پر ملڪ جي صوبائي اسيمبلين ۽ ٻين ايوانن ۾ به شاگردن کي نمائندگي ڏئي ملڪ ۽ قوم کي مروثي ۽ ٿاڦيل سياست ۽ حڪمراني مان جان ڇڏرائي وڃي.