news

نئون ديرو ۾ اعلانيل ثقافتي ڏينهن جي حوالي سان صوفياڻي ڪهچري ڪوٺائي وئي

نئون ديرو:ڇنڇر 17 نومبر 2018ع: 2 ڊسمبر تي اعلانيل ثقافتي ڏينهن جي نئون ديرو واسين پاران ڀرپور آجيان سياسي، سماجي، علمي ادبي، مذهبي، پورهيت توڙي قومپرست ڌرين سنڌي ثقافت جو ڏينهن هر سال جيان هن سال به ڀرپور نموني ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. نئون ديرو ڀرسان پنجوديرو ۾ لاڙڪ فارم هائوس تي شهري اتحاد لاڙڪاڻي جي ميزبانيءَ هيٺ “صوفياڻي ڪچهري” منعقد ڪئي. صوفياڻي ڪچهريءَ ۾ هر طرف ثقافت جا رنگ نکري پيا.

شهري اتحاد لاڙڪاڻو جي صدر نياز ابڙو، وحيد بيگ لاڙڪ، محمد علي ابڙو، انعام آزاد لاڙڪ ۽ ٻين آجياڻو پيش ڪندي چيو ته ثقافتي ڏينهن جي سڏ کي ڀرپور موٽ ڏيندي 2 ڊسمبر تي ثقافتي ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهائڻ جو وچن ڪيو ۽ چيو ته سنڌ صوفياءِ اڪرام جي امن واري ڌرتي آهي ۽ ترقي يافته قومن جي سڃاڻپ انهن جي تهذيب، ريتن، رسمن ۽ ثقافت مان لڳائي ويندي آهي. سنڌي قوم 5 هزار سال کان به وڌيڪ قديم ۽ شاهوڪار قوم رهي آهي.

ثقافتي ڏينھن تي اسان سنڌي قوم کي پاڻ ۾ نفرتون، قبائلي جهڳڙا ۽ ويڇا ختم ڪري سنڌ ڌرتي جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ گڏجي جدوجهد ڪرڻي پوندي. اسان جا دانشور، انٽيليڪچوئلس تعليم جي واڌاري لاءِ ڪوششون نٿا وٺن انهن کي به تعليم جي واڌاري لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ڇاڪاڻ جو پوري ملڪ ۾ سنڌ واحد صوبو آهي جتي تعليم جي شرح ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي. ثقافتي ڏينهن اسان 10 سالن کان ملهائيندا پيا اچون ۽ هن سان وڌيڪ جوش، جذبي سان هن ڏينهن کي ملهائينداسين ۽ هي ڏينهن اسان لاءِ ثقافتي عيد جو ڏينهن آهي.

تقريب جي ڪمپيئرنگ ثمينه ابڙو ۽ منور رند بهترين نموني پيش ڪئي جڏهن ته “صوفياڻي ڪچهري” ۾ شريڪ مهمانن پروفيسر ڄام جمالي، محمد حنيف سھاڳ، منور رند، رشيد سمون، رشيد ابڙو، رحمت الله موريو، سليم سولنگي، منور ڀٽو، ستار کھاوڙ ۽ ٻين کي سنڌ جي ثقافتي سوکڙي اجرڪ اوڍايا. صوفياڻي ڪچهريءَ ۾ صوفي فنڪارن اعجاز کهڙو، نياز لاشاري پنهنجي ساٿين سميت “سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو – سهندو ڪير ميار او يار”، “جنهن دل پيتا عشق دا جام”، “ڪو آ رحمان جي پاسي ڪو آ ڀڳوان جي پاسي” سميت مختلف ڪافيون ۽ ڪلام ڳائي محفل کي جهومائي ڇڏيو.

سنڌ جي ناليواري سگهڙ ڏاڏي ڏتل ابڙي ثقافتي بيت ٻڌائي واهه واهه ڪرائي ڇڏي ۽ خوب داد حاصل ڪيو. مهراڻ اسڪائوٽس جي عبدالرحمان سوائي ۽ سندس گروپ ٽيبلوز پيش ڪيا. ھوڏانھن تقريب جي آخر ۾ “ھو جمالو” سان صوفياڻي ڪچھري جي پڄاڻي ٿي.

ھوڏانھن ميڊيا سان ڳالهائيندي لياقت چنا، عامر ڏاھاڻي، ڄام خان جمالي، ثمينه ابڙو، برڪت شيخ، الصاف انصاري، نثار مغيري، نظير کهاوڙ، عبدالستار کهاوڙ، محمد صادق شيخ، لياق علي چنه، امداد سومرو ۽ ٻين چيو ته سنڌي ثقافتي ڏينهن ملھائڻ واري اعلان جي آجيان ڪريون ٿا.

قومون پنھنجي ورثي سان سڃاتيون وينديون آھن. سنڌي قوم شاھوڪار ورثي جي مالڪ آھي، زندهه قومون پنھنجي ثقافت جا ڏينھن ملھائينديون آھن. ٻه ڊسمبر ڀرپور نموني سان ملھايو ويندو. ان ڏينھن تي ڌرتي سان محبت جا وچن ورجائينداسين. ڪچھري ۾ شامل نوجوان، ٻڍا، ٻار ٽوپيون، اجرڪ پائي تيار ٿي تقريب ۾ شريڪ ٿيا.01