بجلي پيدا ڪرڻ سان گڏ گرمي سج ڏانهن واپس اماڻيندڙ جديد سولر پئنل تيار

news

 ڪيليفورنيا: آچر 18 نومبر 2018ع: سائنسدان اهڙو سولر پينل تيار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن جيڪو نه رڳو شمسي توانائي مان بجلي پيدا ڪري سگهي ٿو ۽ ان دوران سسٽم مان خارج ٿيندڙ گرمي کي خلا ۾ موڪلڻ جي به صلاحيت سان مالا مال آهي.

سولر پينل ذريعي سج مان نڪرندڙ گرمي کي برقي توانائي ۾ تبديل ڪري سستي بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي، سج کان شمسي توانائي مفت ۾ وٺي بجلي پيدا ڪندڙ سائنسدانن هاڻي شمسي نظام کي ڪجهه واپس ڪرڻ چاهين ٿا، ان لاءِ آمريڪا ۾ ماهرن انوکو تجربو ڪيو آهي.  آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي اسٽين فورڊ  يونيورسٽي جي تحقيقڪارن هڪ نئين قسم جو سولر پينل ايجاد ڪيو آهي، هي سولر پينل سج جي روشني کي جذب ڪري بجلي پيدا ڪري سگهي ٿو ۽ جيئن عام سولر پينل به ڪندو آهي پر جديد پينل هڪ قدم اڳتي وڌندي گرمي واپس خلا ۾ موٽائڻ جو ڪم به انجام ڏيندو.

ماهرن جو چوڻ آهي ته هن سسٽم سان برقي توانائي حاصل ڪئي ويندي ۽ گرمي توانائي کي بچايو ويندو، هي ٻه طرفو نظام آهن جنهن ۾ هڪ طرف سج جي گرمي کي بجلي پيدا ڪرڻ ۾ استعمال ڪيو ويندو ته ٻئي طرف ماحول ۾ گرمي جي گهٽتائي نه ٿي وڃي ان لاءِ سسٽم مان خارج ٿيندڙ گرمي کي ضايع ڪرڻ بدران سج کي واپس موٽائي ڏيندو.

هي سولر پينل Radiative Cooling  جيان ڪم ڪندو، جنهن ۾ ڪنهن به مادي مان خارج ٿيندڙ گرمي انفراريڊ شعاعن ۾ تبديل ٿي ويندي جيئن انساني جسم به هي ڪم سر انجام ڏيندو آهي، اهڙي طرح ايڪو سسٽم پنهنجي اصل حالت ۾ برقرار رهي سگهي ٿو.