سيوهڻ ۾ پورهيت جي نينگري دل جي سوراخ واري بيماري ۾ ورتل، علاج جي اپيل

news

سيوهڻ: سومر 19 نومبر 2018ع:سيوهڻ شهر جي  اسٽيشن محلي جي ڪچي آبادي جي رهواسي پير بخش ڀنڀرو جي 14 سالن جي نوجوان نياڻي ساجده دل جي سوراخ جي بيماري ۾ وٺجي وئي آهي.

ناري جي والد صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته آئون غريب پورهيت هوٽل هلائي گهر جو گذر سفر ڪندو آهيان، نياڻي جي علاج تي گهر جو الھ تلھ وڪڻي ڇڏيو آهي، هن چيو ته غربت سبب لکين رپين جو قرضي ٿي ويو آهيان، هاڻ نياڻي جو علاج ڪرائڻ جيترو وس ناهي.

هن چيو ته نياڻي جي علاج لاءِ 9 سال اسپتالن جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيو آهيان، سندس کيس ڪوبه فائدو نه ٿي رهيو آهي. هن چيو ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته نياڻي کي دل ۾ سوراخ آهي، ان جو علاج  مهانگو ۽ ٻاهرين ملڪ  ۾ ٿيندو.

هن چيو ته آئون سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ٿو ڪيان ته منهنجي نياڻي جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي سندس حياتي بچائي وڃي.01