پاڪستان سوڌو سڄي دنيا ۾ ٻارن جو عالمي ڏينهن اڄ ملهايو پيو وڃي

news

 اسلام آباد: اڱارو 20 نومبر 2018ع: پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ٻارن جو عالمي ڏينهن (يونيورسل چلڊرن ڊي) اڄ اڱاري تي ڀرپور طريقي سان ملهايو ويندو. ان موقعي تي وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد سميت ملڪ جي سمورن شهرن ۾ مختلف سرڪاري، غير سرڪاري تنظيمن، وڏن ايجوڪيشنل گروپس، ٻارن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ اين جي اوز  جي اهتمام هيٺ ورڪشاپ، سيمينارز، ڪانفرنسون، مذاڪرا، مباحثا منعقد ڪيا ويندا. جنهن ۾ گهٽ عمر جي ٻارن کان جبري مشقت، معاشري جي نظر انداز ٿيل ۽ ڪجهه مخصوص حالتن ۾ گهريلو ناچاقي جو شڪار ۽ بي وسيلن ٻارن جي حقن ۽ انهن جي ڀلائي لاءِ عوامي شعور بيدار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويندو.

ان حوالي سان ماهرن ٻڌايو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي منظوري سان 1989ع ۾ ٻارن جي حقن جي حوالي سان ماهرن ڊيڪلريشن جي اعلان جي روشني ۾ ڄاڻايل ڏينهن پاڪستان سميت گڏيل قومن جي سمورن 191 ميمبر ملڪن ۾ هر سال 20 نومبر تي ملهايو ويندو آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستان ۾ چائلڊ پروٽيڪشن اينڊ ويلفيئر بيورو جهڙن ادارن جو قيام پڻ انهيءَ سلسلي ۾ عمل ۾ آيو هو.

توڙي جو اڄ ٻارڙن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي پر ملڪ جا لکين ٻار اڄ به تعليم کان محروم بڻيل آهي ۽ غربت سبب ننڍي عمر ۾ ئي پورهيو ڪرڻ تي مجبور آهن.