سبي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا، ماڻهو ڊپ وچان گهرن مان ٻاهر نڪري آيا

news

 ڪوئيٽا: خميس 22 نومبر 2018ع:  بلوچستان جي شهر سبي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ صبح سوير زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن، جنهن تي ماڻهن ۾ ڊپ پکڙجي ويو ۽ هو ڪلما طيب جو ورد ڪندي گهرن کان ٻاهر نڪري آيا.

ري ايڪٽر اسڪيل ۾ زلزلي جي شدت 2.8 رڪارڊ ڪئي وئي، زلزلي جو مرڪز سبي کان 54 ڪلوميٽر پري وارو علائقو هو ۽ زمين اندر جي ان گهرائي 10 ڪلوميٽر هئي. زلزلي جي جهٽڪن سبب ماڻهن ۾ ڊپ پکڙجي ويو ۽ اهي ڪلمي جو ورد ڪندي گهرن مان ٻاهر نڪري آيا هئا.