اسان آمرن جو مقابلو ڪيو، هن ڪٺ پتلي وزيراعظم جو به ڪنداسين: بلاول ڀٽو زرداري

news

 گلگت: خميس 22 نومبر 2018ع: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان آمرن جو مقابلو ڪيو، هن ڪٺ پتلي وزيراعظم جو به ڪنداسين، غير جمهوري طاقتن گڏجي خان صاحب جي حڪومت ٺاهي آهي، چوري جا ووٽ کڻي حڪومت ٺاهي وئي آهي، عمران خان طرفان غير پيشور نموني پرڏيهي پاليسي هلائڻ افسوس جوڳو عمل آهي، هو پرڏيهه ۾ سياسي مخالفن سان ڳالهائيندو آهي.

گلگت ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وزيراعظم کي پرڏيهه ۾ وفاق جي نمائندگي ڪرڻ گهرجي، وزيراعظم ملڪ جي حمايت لاءِ ويندو آهي پر ملڪي سياست جون ڳالهيون ڪندو آهي. هن چيو ته ضياءَ الحق ۽ ٻين جو مقابلو ڪيو، ڪٺ پتلي وزيراعظم جو به مقابلو ڪيو ويندو. هن چيو ته عمران خان سياسي مخالفن کي دٻاءَ ۾ وجهڻ چاهي ٿو ته جيئن سندن مخالفت نه ڪئي وڃي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪرپشن کي ختم ڪرڻو آهي ته بنا فرق احتساب ڪرڻو پوندو،  جيڪو سلسلو هلي رهيو آهي اهو انتقامي سياست جو سلسلو آهي.

هن چيو ته  گلگت ۾ دل جي مريضن لاءِ علاج جون سهولتون نه آهن، سنڌ ۾ گلگت بلتستان جي شاگردن جون سيٽون وڌايون وينديون، گلگت بلتستان جي مسئلن کي قومي سطح تي اجاگر ڪيو ويندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حق حاڪميت ۽ ملڪيت جو آواز قومي سطح تي اٿاريو ويندو، سي پيڪ ۾ گلگت بلتستان جو وڌيڪ حصو هجڻ گهرجي.