يوگنڊا جي ڍنڍ ۾ ٻيڙي ٻڏڻ سبب ٽيهه ڄڻا فوت، ڪيترائي گم

news

ڪمپالا: آچر 25 نومبر 2018ع: يوگنڊا جي وڪٽوريا ڍنڍ ۾ مسافر بردار ٻيڙي ڪلٽي ٿيڻ سبب 30 ڄڻا ٻڏي فوت ٿي ويا جڏهن ته ڪيترائي اڃان تائين گم آهن.

عالمي خابرو اداري موجب يوگنڊا جي گادي واري هنڌ ڪمپالا جي ويجهو وڪٽوريا ڍنڍ ۾ 84 مسافرن کي کڻي ويندڙ ٻيڙي ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ 30 مسافر ٻڏي فوت ٿي ويا.

ريسڪيو اداري ۽ يوگنڊا بحڙيا جي ٽيم امدادي ڪمن جي شروعات ڪندي 27 ڄڻن کي ٻڏڻ کان بچائي ورتو جڏهن ته 27 ڄڻا اڃان تائين گم آهن جن جي ڳولا جو ڪم جاري آهي جڏهن ته خراب موسم سبب امدادي ٽيم کي ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.

پوليس جو چوڻ آهي ته ٻيڙي ۾ گنجائش کان وڌيڪ ماڻهو سوار هئا جنهن سبب ٻيڙي ڪلٽي ٿي پئي جڏهن ته موسم به حادثي جو هڪ سبب ٿي سگهي ٿي، ان کان اڳ موسم جي سرابي بابت الرٽ جاري ڪئي وئي هئي.