شامي حڪومت پاران باغين تي ڪيميائي حملو ڪرڻ جو الزام

news

 دمشق: سومر 26 نومبر 2018ع: شامي جي سرڪاري ميڊيا جو چوڻ آهي ته حلب ۾ باغين طرفان زهريلي گيس جي حملن سبب درجنين ماڻهو متاثر ٿيا آهن.

شامي اختيارين موجب گهٽ ۾ گهٽ 50 ماڻهن کي ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي جي علامتن سبب اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪيميائي گئس جا شيل باغين طرفان فائر ڪيا ويا. اسپتال ذريعن موجب ان حملي جي نتيجي ۾ هڪ ٻار سميت 2 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

ٻئي پاسي سيريئن آبزرويٽري پڻ ان حملي جي تصديق ڪئي آهي جڏهن ته باغي گروپن انهن دعوائن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.