شيخ ڀرڪيو ۾ ٿهيم برادري پاران پوليس جي ظلم خلاف احتجاجي مظاهرو

news

شيخ ڀرڪيو: اڱارو 27 نومبر 2018 ع:شيخ ڀرڪيو پوليس پاران نوجوان سجاد ٿهيم کي پسٽل سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪرڻ خلاف نوجوان جي وارثن روشن، امجد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شيخ ڀرڪيو ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي مظاهرين الزام هڻندي چيو ته شيخ ڀرڪيو پوليس اهلڪارن اسان جي نوجوان کي شهر مان گرفتار ڪري بناجواز ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسايو آهي.

هنن ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان کان انصاف جي گهر ڪئي. جڏهن ته ايس ايڇ او شيخ ڀرڪيو موجب نوجوان ڏوهارين سرگرمين ۾ ملوث هو، ٻن هفتن کان شيخ ڀرڪيو ۾ امن امان خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

ايس ايڇ او جو وڌيڪ چوڻ هو ته هنن جي وڏي گينگ آهي، جيڪي چورين سميت مختلف ڏوهارين سرگرمين ۾ ملوث آهن، هن چيو ته اڃا جاچ هلي پئي، ڪنهن سان به ناانصافي نه ڪنداسين.01