شامي شهري مهمان خاني کي عجائب گهر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو

news

دمشق: اربع 28 نومبر 2018ع: شام ۾ هڪ رهواسي پنهنجي مهمان خاني کي ئي عجائب گهر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، پراڻين بندوقن، پستول، پراڻا سڪا ۽ ٿانون جو وڏو تعداد هتي رکيو ويو آهي جهن کي ڏسي ماضي جو دور ياد اچي ويندو آهي.

شام جي ڏاکڻي شهر سيوڊا جي شهري عصمت زين مهمان خاني کي عجائب گهر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.

شامي شهري اٺ سالن ۾ پنجويهه سئو ناياب شيون جمع ڪيون آهن، عصمت موجب هو نوجوان نسل کي تاريخ کان واقف ڪرائڻ چاهي ٿو. پراڻا چاقو، بندوقون، پستول، سڪا ۽ ٿانو ڏسڻ لاءِ سياح اچي رهيا آهن.