اورڪزئي ۾ ڳجهن ادارن جي ڪارروائي، هڪ سئو اسي ڪلو بارودي مواد هٿ

news

 هنگو: اربع 28 نومبر 2018ع: اورڪزئي ۾ ڳجهن ادارن ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي 180 ڪلوگرام بارودي مواد هٿ ڪري ورتو آهي.

سيڪيورٽي عملدارن مطابق ڳجهن ادارن ڪارروائي ڪندي دهشتگردي جي ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي، ڳجهن ادارن جي اهلڪارن پلاخيل جي جابلو علائقي مان ڳجهي اطلاع تي 9 ٿيلهن مان مجموعي طور 180 ڪلوگرام بارودي مواد هٿ ڪيو.

عملدارن مطابق هر ٿيلهي ۾ 20 ڪلوگرام بارودي مواد موجود هو، جنهن کي قبضي ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.