ڊيرا اسماعيل خان ۾ پوليس مقابلو، تحريڪ طالبان پاڪستان جو دهشتگرد مارجي ويو

news

 ڊيرا اسماعيل خان: ڇنڇر پهرين ڊسمبر 2018ع: ڊيرا اسماعيل خان جي ڳوٺ مير عالم ۾ دهشتگردن ۽ پوليس وچ ۾ مبينا مقابلو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو آهي.

رپورٽن مطابق ڊيرا اسماعيل خان جي ٿاڻي درابند جي ڳوٺ مير عالم ۾ پوليس ۽ دهشتگردن ۾ مبينا مقابلو ٿي پيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو.

پوليس مطابق مارجي ويل دهشتگرد جو تعلق تحريڪ طالبان پاڪستان سان آهي ۽ هو ان جو مقامي ڪمانڊر هو ۽ ڊي پي او هريپور تي حملي جو مک جوابدار هو.