خانيوال ڀرسان بس ڪلٽي، نوجوان فوت، پنجويهه ڄڻا زخمي

news

 خانيوال: سومر 03 ڊسمبر 2018ع: خانيوال جي ميان چنون واري علائقي ۾ مسافر بس ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان فوت ۽ 25 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

رپورٽن مطابق بس فيصل آباد کان صادق آباد وڃي رهي هئيته ڪچا کوهه روڊ وٽ ڪلٽي ٿي پئي. اکين ڏٺن شاهدن مطابق بس ۾ گنجائش کان وڌيڪ مسافر سوار هئا. اطلاع تي امدادي ٽيمن پهچي فوتي جو لاش ۽ زخمين کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال خانيوال منتقل ڪيو.