يمن تڪرار جو خاتمو چاهيون ٿا: ايران

news

 تهران: اڱارو 04 ڊسمبر 2018ع: ايران چيو آهي ته ان جو ملڪ سوئيڊن ۾ ٿيندڙ يمني امن ڳالهين جي حمايت ڪندو.

ايراني پرڏيهي وزارت مطابق سندس ملڪ  يمني تڪرار جي خاتمي سان گڏوگڏ اتي انساني همدردي جي بنياد تي امدادي ڪاررواين ۾ تيزي چاهي ٿو. هن چيو ته ايران يمن ۾ سعودي عرب جي مخالف حوثي باغين جي حمايت ڪري ٿو.

واضح رهي ته سوئيڊن ۾ تجويز ڪيل امن ڳالهيون هلندڙ هفتي دوران شروع ٿيڻ واريون آهن.