ايران جي شهر چابهار ۾ پوليس هيڊڪوارٽرز تي ڪار بم حملو، ٽي ڄڻا مارجي ويا

news

تهران: خميس 06 ڊسمبر 2018ع: ايران جي ڏاکڻي ساحلي شهر چابهار ۾ ڪار بم ڌماڪو ٿيو جنهن ۾ ٽي ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

عالمي خابرو اداري موجب چابهار ۾ اڻڄاتل هٿياربندن پوليس ڪمانڊوز جي آفيس تي ڪار بم حملو ڪيو، اڃان تائين ڪنهن گروپ حملي جي ذميواري قبول نه ڪئي.

امداد ادارن موقعي تي پهچي لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو جتي کين طبي امداد فراهم ڪئي وئي، ڪجهه زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي جنهن سبب فوتگين ۾ واڌ جو خدشو آهي.

ايراني خابرو اداري موجب اهو خودڪش حملو هو جنهن ۾ پوليس جي هيڊڪوارٽرز کي نشانو بڻايو ويو، واقعي کانپوءِ ايراني سيڪيورٽي فورسز جي ڳري نفري موقعي  تي پهتي ۽ واقعي واري جاءِ جو گهيرو ڪري شڪي ماڻهن جي ڳولا ۾ سرچ آپريشن ڪيو.

ايراني حڪومت واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ سرڪاري ميڊيا ان کي دهشتگرد حملو قرار ڏنو آهي.