ڳيريلو ۾ پوليس جو ڏوهارين سان مبينا مقابلو، هڪ ڄڻو زخمي حالت ۾ گرفتار

news

ڳيريلو:جمعو 07 ڊسمبر 2018ع:ڳيريلو پوليس جو چودڳي لاڙي ڀرسان ڏوھارين سان مبينا مقابلو، بدنام ڏوهاري لياقت چانڊيو زخمي حالت ۾ گرفتار، سندس ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب. ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او ڳيريلو دلي جان مگسي ٻڌايو ته چودڳي لاڙي وٽ گشت ڪري ڪري رھياسين ته ٽن ڏوهارين روڊ تي اچڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پوليس کي ڏسندي ئي فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن بعد پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ علائقي جو بدنام ڏوهاري لياقت چانڊيو ڄنگهه ۾ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو، جنهن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽ سندس ساٿي فرار ٿيڻ ۾ڪامياب ٿي ويا.

ھن وڌيڪ ٻڌايو ته زخمي ڏوهاري مٿان باقراڻي، ڳيريلو ۽ ڏوڪري ٿاڻن تي ڪيترائي ڪيس داخل ٿيل آهن.

ھوڏانھن ذريعن موجب زخمي ڏوهاري لياقت چانڊيو کي ڪجهه ڏينهن اڳ باڊھ شهر مان پوليس گرفتار ڪيو ھو، جنھن کي اڄ ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي ھاف فراءِ ڪيو ويو آهي.01