جاپان جو ايران ۾ مقرر سفير جادوگر نڪري پيو

news

تهران: آچر 09 ڊسمبر 2018ع: سفارتڪار جو ڪم ٻن ملڪن وچ ۾ رابطي جو ڪم ڪرڻ ۽ پنهنجي ملڪ لاءِ ٻئي ملڪ جي حڪومت ۽ عوام ۾ نرمي پيدا ڪرڻ هوندو آهي پر جاپان جو ايران ۾ مقرر سفير ان کان اڳتي وڌي ويو.

جاپان جي ايران ۾ مقرر سفير مٽسوگوسائيتو گذريل مهيني 15 نومبر تي جاپاني سفارتخاني ۾ ٿيندڙ تقريب دوران جادو جو ڪرب پيش ڪري دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو.

جاپاني سفارتخاني ۾ جاپان جي بادشاهه جي سالگرهه جي سلسلي ۾تقريب جاري هئي، سفير مٽسوگو سائيتو جڏهن تقرير لاءِ آيو ته پنهنجو جادو جو سامان به پاڻ سان گڏ کڻي آيو. هن هٿ ۾ هڪ رومال پڪڙي جادو جو ڪرتب شروع ڪيو ۽ ان کي ٽن مختلف رنگن جي رومالن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.

انهن ٽنهي رومالن کي هن هڪ شاپنگ بيگ ۾ وڌو ۽ ان کي ڦاڙي ڇڏيو، شاپنگ بيگ جيئن ئي ڦاتو ته اندران ايران جو جهنڊو نڪري آيو جنهن تي شريڪ ماڻهن تمام گهڻيون تاڙيون وڄايون.