سوڊان ۾ هيليڪاپٽر حادثي سبب گورنر ۽ وڏو وزير فوت

news

خرطوم: سومر 10 ڊسمبر 2018ع: اوڀر سوڊان ۾ گورنر ۽ وڏي وزير کي کڻي ويندڙ هيليڪاپٽر حادثي جو شڪار ٿي ويو جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا.

عالمي خابرو اداري موجب سوڊان جي رياست القضارف ۾ گورنر سميت اهم حڪومتي شخصيتن کي کڻي ويندڙ هيليڪاپٽر لينڊنگ کان اڳ موبائل فون ٽاور سان ٽڪرائجي تباهه ٿي ويو.

سرڪاري ٽي وي هيليڪاپٽر حادثي ۾ القضارف جي گورنر مير غني صالح، سندس ڪابينا جا وڏا وزير، زراعت بابت صوبائي وزير، مقامي پوليس چيف ۽ بارڊر فورس جي محافظ جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي.

هيليڪاپٽر حادثو ايٿوپيا جي سرحدي علائقي ويجهو پيش آيو جڏهن ته سرڪاري ٽي وي حادثي جو سبب نه ٻڌايو.

ٻئي طرف سوڊان جي نيوز ايجنسي گورنر سميت 6 اعليٰ حڪومتي شخصيتن جي فوت ٿيڻ ۽ فوجي اهلڪارن جي زخمي ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، زخمين کي ويجهي اسپتال ۾ طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي.