ايمرجنگ ايشيا ڪپ، ڀارت سيمي فائنل ۾ پاڪستان کي ستن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

news

ڪولمبو: خميس 13 ڊسمبر 2018ع: سريلنڪا جي گادي واري هن ۾ ٿيندڙ ايمرجنگ ايشيا ڪپ جي سيمي فائنل ۾ پاڪستاني بيٽنگ کانپوءِ بالنگ به ناڪام ٿي وئي ۽ ڀارتي ٽيم 173 رنسن جو هدف صرف ٽي وڪيٽون وڃائي حاصل ڪري ورتو.

تفصيل موجب ايمرجنگ ايشيا ڪپ ۾ روايتي مخالف ڀارت پاڪستاني ٽيم کي شڪست ڏئي ڇڏي ۽ فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي، فاتح ٽيم طرفان نتيش راڻا 60 ۽ همت سنگهه 59 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيا، ان کان اڳ ڀارتي بالرن پاڪستان بيٽسمين کي 45 هين اوور ۾ 172 رنسن تي هلندو ڪري ڇڏيو.

ڪپتان محمد رضوان 67 ۽ سعود شڪيل 62 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيا جڏهن ته باقي 8 رانديگر ڊبل فگر جي شڪل نه ڏسي سگهيا، پاڪستان طرفان خوشدل شاهه، محمد موسيٰ ۽ عاشق علي هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.