سنڌ حڪومت پاران گيس جي لوڊشيڊنگ خلاف صوبي ۾ احتجاج جو فيصلو

news

ڪراچي: خميس 13 ڊسمبر 2018ع: سنڌ حڪومت سڄي صوبي ۾ سوئي گيس جي پابندي تي پنهنجي سخت ردعمل جو اظهار ڪندي حڪومت جي ناڪامي قرار ڏنو آهي سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي روم ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي توانائي بابت صوبائي وزير امتياز شيخ، ٽرانسپورٽ وارو وزير اويس قادر شاهه، اطلاعات ۽ اينٽي ڪرپشن بابت وڏي وزير جو صلاحڪار بيريسٽر مرتضيٰ وهاب ۽ پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو آهي ته عوام تي روزانو ظلم ڪيو پيو وڃي، آئي ڏينهن ڪونه ڪو مسئلو بيٺو آهي ۽ هاڻي گيس جي لوڊشيڊنگ به شروع ڪئي وئي آهي جنهن سبب پيٽرول مهانگو ٿيو ۽ سڀ شيءِ مهانگي ٿي رهي آهي، لڳي ايئن ٿو ڊالر جيان وزيراعظم به انهيءَ ڳالهه کان لاعلم هوندو وفاقي حڪومت مسئلو اڪلائڻ بجاءِ پنهنجي ناڪامي لڪائڻ لاءِ تهمتون هڻڻ تي لٿل آهي.

اهڙي يوٽرن وٺڻ واري حڪومت اسان اڄ کان پهرين نه ڏٺي. نثار کهڙو چيو ته آئي ايم ايف سان اڳواٽ ئي معاهدو ٿي چڪو آهي ۽ تحريڪ انصاف جي حڪومت پنهنجين ناڪامين کي لڪائي رهي آهي. هن اعلان ڪيو ته سنڌ ۾ گيس جي کوٽ خلاف سڄي صوبي ۾ احتجاج ڪيو ويندو. بيريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته اها ڪهڙي مديني واري رياست آهي جتي گهر جون عورتون گيس جي کوٽ ڪارڻ رڌپچاءُ نه پيون ڪري سگهن ۽ گيس جي کوٽ سبب معيشت جو ڦيٿو جام ٿي ويو آهي.

وزيراعظم سنڌ حڪومت ۽ عوام کي مجبور نه ڪن جيڪڏهن ازالو نه ڪيو ويو ته سنڌ جي عوام روڊن تي هوندي. هن چيو ته گيس بندش بابت وفاقي حڪومت سان رابطو ڪيو ويو پر گيس بحالي تي ڪابه اڳڀرائي نه ٿي سگهي.

وفاق پاران سنڌ جي حقن کي ڦٻائڻ تي سپريم ڪورٽ ازخود نوٽيس وٺي، سنڌ صوبي کي گيس تي پابندي آئين جي آرٽيڪل 158 جي کلي خلاف ورزي آهي سنڌ 70 سيڪڙو گيس پيدا ڪندو آهي پر انهيءَ صوبي جي عوام کي گيس کان محروم ڪيو پيو وڃي، پهرين پاڻي بند ڪيو ويو هاڻي گيس بند ڪئي وئي آهي اها ڪهڙي رياست آهي جنهن وزيراعظم صبح جو هڪ فيصلو ڪندو آهي ۽ شام جو تبديل ڪيو وڃي ٿو.

هي حڪومت آئين شڪن ۽ نااهل آهي.  توانائي بابت صوبائي وزير امتياز شيخ چيو ته اسان وفاقي حڪومت کي پنهنجو موقف چٽو  ڪري ڇڏيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ڪراچي وارن سان ناانصافي ڪري رهي آهي، اوگرا ۾ سنڌ جا ڪابه نمائندگي نه آهي اسان هر فورم تي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائينداسين.

وزيراعظم پاڪستان سنڌ ۾ گيس جي کوٽ جو نوٽيس وٺي. سنڌ کي 1100 ايم ايم سي ايف ڊي گيس گهٽ ڏني پئي وڃي، پي ٽي آئي جي حڪومت سڀ کان وڌيڪ سزا ڪراچي وارن کي ڏني آهي، ڪالهه وفاقي وزير ڪراچي ايندا انهن آڏو اهي معاملا اٿارينداسين. امتياز شيخ چيو ته ملڪ کي بحران مان فقط آصف علي زرداري ئي ڪڍي سگهي ٿو. 

گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير اويس قادر شاهه چيو ته ڪراچي ملڪي معيشت جو حب آهي ۽ گيس جي کوٽ سان هڪ لک ماڻهو پنهنجين نوڪرين تي نه وڃي سگهيا ڇوته روڊن تان ٽريفڪ غائب آهي.

هن چيو ته ٽرانسپورٽ شهر جي ترقي جي ضامن هوندي آهي. سي اين جي تي پابندي سان ٽريفڪ جي اچ وڃ متاثر ٿي ۽ ان ڏس ۾ آئين جي آرٽيڪل 158 جي کلي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير اويس قادر شاهه چيو ته سنڌ ۾ رهندڙ به پاڪستاني آهن انهن جو به خيال رکيو وڃي، هن چيو ته وفاقي حڪومت کي اسان جي خلاف جيڪو ڪرڻو آهي ڪري اسان ڪوڙن ڪيسن ۽ ٽرائيل کان نه ٿا ڊڄون.