حيدرآباد ۾ تعليم کاتي جي ملازم جو رٽائرمينٽ جا پئسا نه ملڻ خلاف احتجاج

news

 حيدرآباد: جمعو 14 ڊسمبر 2018ع: ميرپورخاص جي رهواسي ايجوڪيشن جي ملازم پاران جبري طور تي رٽائر ڪرڻ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي شاهد علي سوڍر چيو ته هو ايجوڪيشن کاتي ۾ نائب قاصد مقرر هو، 2012ع ۽ 2013ع ۾ ڊي اي او سيڪينڊري ايجوڪيشن رشوت وٺي جعلي ڀرتيون ڪيون، جنهن خلاف آواز اٿارڻ تي انتقامي ڪارروائي ڪندي منهنجي پگهار بند ڪرائي وئي، جنهن کانپوءِ جبري طور رٽائر ڪرائي ڇڏيو آهي.

هن چيو ته کيس رٽائرمينٽ پينشن به نٿي ڏني وڃي، جنهنڪري هو فاقاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي. هن لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪئي ته ڄاڻايل معاملي جو نوٽيس وٺي کيس انصاف ڏياريو وڃي.