سنڌ يونيورسٽي پاران بيچلر ڊگري پروگرام ۾ داخلا لاءِ ڪامياب اميدوارن جي ٻئين ميرٽ لسٽ جاري

news

 ڄامشورو: جمعو 14 ڊسمبر 2018ع: ڊائريڪٽر ايڊميشن عبدالمجيد پنهور پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ مطابق سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ بيچلر ڊگري پروگرامز 2019ع ۾ داخلا لاءِ ڪامياب اميدوارن جي ٻي ميرٽ لسٽ جاري ڪئي وئي آهي، جيڪا سيد غلام مصطفيٰ شاهه ايڊمنسٽريشن بلڊنگ (اي سي ٽو) ٻاهران نوٽيس بورڊ تي لڳائي وئي آهي.

اها ساڳي لسٽ سنڌ يونيورسٽي جي آفيشل ويب سائيٽ www.usindh.edu.pk تي پڻ موجود آهي. جاري ڪيل لسٽ ۾ ڪوٽا اورينٽيڊ، جنرل ڊسيپلين، فيميل ڪوٽا، ڪامرس ڪوٽا، سنڌ يونيورسٽي ايمپلائيز ڪوٽا، ايفليئيٽيڊ ڪاليج ڪوٽا، ڊس ايبلڊ ڪوٽا ۽ سيلف فنانس اسڪيم ڪيٽيگريز شامل آهن. لسٽ جي حوالي سان اعتراض داخل ڪرڻ جي آخري تاريخ 15 ڊسمبر 2018ع مقرر ڪئي وئي آهي، تاريخ گذرڻ کانپوءِ ڪو به اعتراض قبول نه ڪيو ويندو، اعتراض اڪلائڻ کانپوءِ ٻي ميرٽ لسٽ 17 ڊسمبر تي جاري ڪئي ويندي.

جڏهن ته ڪامياب اميدوار پنهنجي داخلا في 18 کان 21 ڊسمبر 2018ع تائين جمع ڪرائي سگهن ٿا. اميدوار سنڌ يونيورسٽي جي ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊميشن جي ڪائونٽرن تان چالان فارم حاصل ڪري مقرر ڪيل تاريخ تائين حبيب بئنڪ لميٽيڊ، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو برانچ ۾ مٿي ڄاڻايل شيڊيول مطابق فيس جمع ڪرائي سگهن ٿا. چالان حاصل ڪرڻ وقت اميدوار پنهنجا گهربل سمورا دستاويز پاڻ سان گڏ ضرور آڻين، دستاويز اڻپورا هئڻ جي صورت ۾ اميدوارن کي چالان فارم جاري نه ڪيو ويندو.