ڄامشورو ۾ ٽي ڏينهن اڳ بيهوشي واري حالت ۾ هٿ آيل جسقم اڳواڻ حيدرآباد جي اسپتال ۾ فوت

news

 ڄامشورو: جمعو 14 ڊسمبر 2018ع: جسقم ڄامشورو تعلقي جو فناس سيڪريٽري فدا نوحاڻي  3  ڏينهن اڳ شورا ڳوٺ کان هڪ موري وٽ بيهوشي جي حالت ۾ مليو، جنهن کي دوستن پاران حيدرآباد سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، جنهن اڄ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.  وارثن والد محمد عرض ۽ ڀاءُ حاجي بڙدي کيس قتل ڪرڻ واري ڳالھ تي حيدرآباد سول اسپتال مان جسقم ڪارڪن جو پوسٽ مارٽم ڪرايو آهي.

جسقم مرڪزي اڳواڻ ديدار شام ڄامشورو شورا ڳوٺ پهچي شهيد فدا نوحاڻي جي بيهوشي جي حالت ۾ ملڻ واري جاءِ جو جائزو ورتو ۽ سندس والد ۽ ڀائرن سان ڪچهري بعد هن چيو ته فدا نوحاڻي کي قتل ڪرڻ واري ڳالھ کي رد نٿو ڪري سگهجي، شهيد فدا نوحاڻي جو وارثن پوسٽ مارٽم ڪرايو آهي، وڌيڪ پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد لائحه عمل جوڙيو ويندو.

فدا نوحاڻي جي جنازي نماز شورا ڳوٺ ۾ پڙهي وئي، جنهن ۾ جسقم مرڪزي پريس سيڪريٽري ديدار شام، غفار چانڊيو، جاويد شورو، شاهنواز خاصخيلي، پي ٽي آءِ اڳواڻ حاڪم خان نوحاڻي، ايس پو پي اڳواڻ صاحب خان نوحاڻي ۽ ساگر عالماڻي سميت سياسي، سماجي اڳواڻ ۽ سوين ماڻهن شرڪت ڪئي، جڏهن ته فدا نوحاڻي جي مڙهه کي سيوهڻ ۾ جهانگارا ۾ پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.