گهوٽڪي جي سينيئر صحافي الاهي بخش سومرو جو نوجوان پٽ ڪينسر جي مرض سبب فوت

news

 گهوٽڪي: جمعو 14 ڊسمبر 2018ع: گهوٽڪي جي سينيئر صحافي الاهي بخش سومرو جو پٽ اختر سومرو 45 ورهين جي عمر ۾ ڪينسر جي مرض سبب فوت ٿي ويو، جنهن جي جنازي نماز ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي.

اختر سومري کي 4 نياڻين جو اولاد آهي. پريس ڪلب جي اڳوڻي صدر رمضان چنا، نادر خلجي، فرمان علي سومرو، آزاد مهر، عبدالحئي ساوند ۽ ٻين پاران الاهي بخش سومرو سان تعزيت جو اظهار ڪيو ويو.