دوڙ واسين جو زمين تي قبضو ڪندڙ بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو

news

 نوابشاهه: جمعو 14 ڊسمبر 2018ع: تعلقي دوڙ جي ڳوٺ محمود مهيسر جي رهواسين رياض احمد مهيسر، فرزند علي مهيسر ۽ نياز احمد مهيسر جي اڳواڻي ۾ سندن مبينا قبضي هيٺ آيل زمين ڀرسان هٿن ۾ بينر کڻي احتجاج ڪيو ۽ روينيو کاتي تعلقي دوڙ جي عملي خلاف سخت نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي ميڊيا آڏو دانهيندي هنن چيو ته اسان جي ابن ڏاڏن جي 600 ايڪڙن کان وڌيڪ زمين ديهه 60 نصرت ۾ واقع آهي پر اسان غريبن جي خانداني زمين جا لکين روپيا رشوت وٺي کاتا تبديل ڪري ٻين جي نالي تي چاڙهي ڇڏي آهي ۽ اسين حقيقي وارث پنهنجي خانداني زمين کان محروم آهيون.

ڳوٺاڻن نيب اختيارين، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، سنڌ جي وڏي وزير، روينيو بورڊ جي اعليٰ اختيارين، ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظير آباد کان مطالبو ڪيو آهي ته سندن خانداني زمين جي غير قانوني منتقلي ڪندڙ روينيو کاتي جي ملوث عملي خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪري زمين انهي جي حقيقي ۽ جائز وارثن جي نالي کاتا تبديل ڪرائي ڏنا وڃن ۽ اسان کي با اثر قبضا گيرن کان تحفظ ڏياريو وڃي.