پي ٽي آءِ جي ٻن ايم پيز ايز پاران سڪرنڊ جي ٿيليسميا سينٽر جو دورو

news

 سڪرنڊ: جمعو 14 ڊسمبر 2018ع: پاڪستان تحريڪ انصاف جي ٻن ايم پي ايز ڪراچي جي گلشن اقبال مان چونڊيل ايم پي اي فيصل عابد ۽ نارٿ ناظم آباد مان چونڊيل ايم پي اي ڊاڪٽر عمران پي ٽي آءِ اسپورٽس سنڌ جي صدر فاروق احمد چانڊيو سان گڏ ٿيليسميا ڪيئر سينٽر نوابشاھ جو دورو ڪيو.

ان موقعي تي اداري جي مينيجر غلام نبي چنا ۽ معشوق علي ڪوريجو کين اداري بابت ڄاڻ ڏني ۽ مختلف شعبن جو معائنو پڻ ڪرايو، جنهن ۾ ميل وارڊ، فيميل وارڊ، ليبارٽري، ميڊيڪل اسٽور ۽  ٻيا شعبا شامل هئا.  کين ٻڌايو ويو ته سينٽر ۾ 1900 کان وڌيڪ ٻار رجسٽرڊ آهن، جن کي نه رڳو رت ڏنو ٿو وڃي پر کين دوائون ۽ منجهند جي ماني پڻ مفت ڏني وڃي ٿي.

وفد پاران ٿيليسميا سينٽر جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. وفد جي اڳواڻي ڪندڙ فاروق چانڊيو ميڊيا کي ٻڌايو ته دوري جو مقصد سرڪار پاران ملندڙ فنڊز جي جاچ ڪرڻ هو ته سنڌ سرڪار خيراتي ادارن لاءِ جيڪو خرچ ڪاغذن ۾ ڄاڻائي ٿي آيا، اوترو خرچ ادارن کي ڏئي به ٿي يا رڳو فائلن جو پيٽ ڀريو ٿو وڃي، ان سلسلي وزير اعظم پاران 30 ضلعن لاءِ ڪاميٽيون جوڙيون ويون آهن، اڄ ٿيليسميا سينٽر کانسواءِ نوابشاھ جي ٻين ادارن جو پڻ دورو ڪري ڄاڻ ورتي وئي آهي، جيڪا خان صاحب کي پيش ڪئي ويندي. ان کان اڳ وفد جڏھن سينٽر پهتو ته ٿييسميا جي ٻارڙن دانش تنيو جي اڳواڻي ۾ سندس آڌر ڀاءُ ڪيو.