خيرپورناٿن شاهه ۾ آءِ بي اي جي غلط پاليسين خلاف ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوارن جو مظاهرو

news

 خيرپورناٿن شاهه: جمعو 14 ڊسمبر 2018ع: آءِ بي اي انتظاميا جي غلط پاليسين خلاف خيرپور ناٿن شاهه پريس ڪلب آڏو ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوارن رياض علي چانڊيو، رضا محمد لنڊ، علي اصغر جيسر، فياض بخت ٻرڙو ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي مظاهرين چيو ته آءِ بي اي هيڊ ماستر جي ٽيسٽ ۾ پاس مارڪون 45 سيڪڙو رکيون ويون پر استاد جي ٽيسٽ  ۾ 60 سيڪڙو رکي اسان سان ناانصافي ڪئي وئي آھي. هنن ٻڌايو ته جي اي ايس ٽي ۽ اي سي ٽي جون هزارين خالي جايون ڀرڻ لاءِ حڪومت آءِ بي اي سکر سان شفاف نموني امتحان وٺڻ جو معاهدو ڪيو، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته آءِ بي اي سکر پنهنجو معيار برقرار رکڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام وئي آهي. هنن ٻڌايو ته آءِ بي اي سکر ويجهڙائي ۾ مختلف هنڌن تي امتحان ڪرايو جيڪو امتحان ڪميشن جي برابر هو.

هنن چيو ته ٿورو وقت ڏئي انتهائي ڏکيا سوال ڏنا ويا ۽ انسر ڪي به غلط ڏني وئي. اميدوارن وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه، تعليم واري وزير سيد سردار شاهه ۽ سيڪريٽري تعليم کان مطالبو ڪيو آهي ته آءِ بي اي طرفان انسر ڪي ۾ ڪيل غلطين جو نوٽيس وٺي پاسنگ مارڪس 50 ڪرڻ يا تعلقي سطح تي ٽاپ ٽو باٽم مارڪس کڻندڙ اميدوارن کي آرڊر ڏنا وڃن.