اي پي ايس جي شهيدن کي انصاف نه مليو، ٻارڙن جو قاتل سرڪاري مهمان بڻايو ويو: اسفند يار ولي

news

 پشاور: آچر 16 ڊسمبر 2018ع: عوامي نيشنل پارٽي جي مرڪزي صدر اسفند يار ولي خان چيو آهي ته چار سال گذريل باوجود به اي پي ايس سانحي جا زخم ناهن ڀرجي سگهيا ۽ هن سانحي تي دل رت جو ڳوڙها روئي رهي آهي، معصوم ٻارڙن جو قاتل سرڪاري مهمان خاني جي زينت بڻيو آهي، جڏهن ته اي پي ايس شهيدن جا وارث اڄ تائين انصاف لاءِ واجهائي رهيا آهن، چئن سالن تائين سانحي جا اصل سبب قوم آڏو نه اچي سگهيا.

آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي چوٿين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته حملو ڪندڙ انسان چورائڻ جي لائق نه هئا، جيستائين دهشتگردي واري سوچ جي پيداوار ۽ پناهگاهن کي ختم نه ٿو ڪيو وڃي، ان وقت تائين امن ۽ ترقي جو خواب پورو نه ٿو ٿي سگهي. اسفند يار ولي خان چيو ته درسگاهن تي حملا ڪندڙ بيمار ذهنيت ۽ جاهليت جا پوئلڳ آهن.

هن چيو ته جوابدارن جو بروقت پتو لڳائي آخري انجام تائين پهچايو وڃي ها ته مردان، چارسده، ڪوئيٽا ۽ زرعي يونيورسٽي پشاور جهڙا واقعا نه ٿين ها پر رياست ۽ حڪومت جي ڪنن تي جونءِ به نه ٿي چري، اي پي ايس شهيدن جا وارث جوابدارن کي آخري انجام تائين پهچائڻ لاءِ چوڪن ۾ ڌرڻا ڏيندا رهيا آهن پر نيشنل ايڪشن پلان ٺاهيندڙن جي دلين ۽ دماغ تي وارثن جي رڙين جو ڪو به اثر ناهي ٿيو.

هن چيو ته چئن سالن کانپوءِ جڊيشل ڪميشن ته قائم ڪيو ويو ۽ هاڻي اميد آهي ته ان ڪميشن جو فيصلو شهيد ٻارڙن جي والدين جي زخمن تي مرهم جو ڪم ڪندو. هن چيو ته رياست جي ذميواري آهي ته شهيدن جي وارثن جا سمورا خدشا ختم ڪري انهن جا سمورا مطالبا مڃيا وڃن.