لعلو رائنڪ ۾ لوڪ ادب جي سلامتي لاءِ ڏات ڌڻين جو ملڪي سطح جو ميڙاڪو، ٽن صوبن جا سگهڙ شامل

news

 لعلو رائنڪ: آچر 16 ڊسمبر 2018ع: سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) ۽ ثقافت کاتي جي گڏيل سهڪار سان لعلو رائنڪ ۾ 16 ڊسمبر لوڪ ادب ڏھاڙي جون ٻن ڏينهن واريون تقريبون ڪوٺايون ويون، جنهن ۾ سنڌ جي اُتر، لاڙ، ٿر، ڪاڇي، ڪوهستان ۽ وچولي جي مشهور ڏات ڌڻين سميت صوبي پنجاب توڙي بلوچستان جي سُگهڙن شريڪ ٿي سنڌي ٻوليءَ ۾ لوڪ ادب جون نيون نڪور تخليقون ٻڌائي ٻوليءَ ۽ قومي ادب جي پرچار ڪري چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. لوڪ ادب ڏھاڙي جي ٻن ڏھاڙن واري تقريب جي شروعات 15 ڊسمبر ڇنڇر تي شام جو هفت زبان شاعر ۽ صوفي بزرگ علامه هدايت علي تارڪ نجفي جي مزار تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙھڻ سان ڪئي وئي. جنهن بعد ٻن ڏھاڙن واري مُک تقريب دي اسپارڪ اسڪول ۾ شروع ڪئي وئي، جنهن جي صدارت لوڪ ادب پارکو ۽ سلات جي سرپرست اعليٰ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي ڪئي، جڏھن ته خاص مهمانن ۾ لوڪ ادب ماهر ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي، تعليمي ماهر علي اڪبر مغيري ، سلات جو مرڪزي صدر گل حسن گل ملڪ، پنجاب جو صوبائي صدر غلام نبي شيخ ۽ بلوچستان جو صوبائي صدر الهڏنو هانڀي هئا. سلات جي باني چيئرمين عاجز رحمت الله لاشاري ۽ مولابخش شيدي تقريب جي ميزباني جا فرض نڀايا.

تقريبن جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ ۽ لطيف سائين جي وائي سان ڪئي وئي. جنهن بعد پهرين ويهڪ لوڪ ادب ڏھاڙي جي حوالي سان تقريرن جي ٿي جنهن ۾ لوڪ ادب جي پارکو ۽ سلات جي سرپرست اعليٰ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي لوڪ ادب ڏھاڙي جو مقصد ٻڌائيندي چيو ته هِن ڏھاڙي ملهائڻ جو وڏو سبب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي لوڪ ادب ۾ ڪيل خدمتن کي مڃتا ڏيڻ، لوڪ ادب جي لاوارثي ختم ڪرڻ، ان جي اهميت اجاگر ڪرائڻ ۽ ان کي ترقي ڏيارڻ آھي ان ڪري اسان هن سال لوڪ ادب ڏھاڙي جو موضوع به ”لوڪ ادب وسيلي لطيفي پيغام جي پرچار“ هو. هن چيو ته سگهڙ لطيف سائين جا پوئلڳ آھن، اهي سندن ڪلام مان رهنمائي وٺن ٿا ۽ ساڳي وقت ان ڪلام ۽ پيغام کي پکيڙيندا رهن ٿا. هن چيو ته سگهڙن جي ڪا به ڪچهري لطيف سائين جي بيت کان سواء ٿي نٿي سگهي. هن پنهنجي صدارتي تقرير ۾ وڌيڪ چيو ته افسوس آھي ته لطيف سرڪار ۽ ٻين صوفين جي پيغام ۽ تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ ڀٽ شاھ ۾ ٺاهيل صوفي يونيورسٽي غيرفعال آھي، جنهن جي غير فعالي جو وڏوسبب صوفي ازم کان اڻ واقف وائيس چانسلر جي مقرري آھي. هن مطالبو ڪيو ته سنڌ جو وڏو وزير ۽ تعليم کاتي جو وزير غير واسطيدار وي سيءَ کي صوفي يونيورسٽي تباھ ڪرڻ جي ڏوھ ۾ فوري طور برطرف ڪري ڪنهن تصوف کان واقف اسڪالر کي وائيس چانسلر مقرر ڪن.

سلات جي باني چيئرمين ۽ لوڪ ادب جدوجهد جي سرواڻ عاجز رحمت الله لاشاري چيو ته لوڪ ادب دنيا جي سمورن ڪلاسيڪل ادبن جو بنياد آھي ۽ اسان جي ٻوليءَ جي ترقيءَ جو سبب به لوڪ ادب آھي، ٻولي بچائڻ لاءِ لوڪ ادب بچائڻ ضروري آھي. هن چيو ته سگهڙن جيان ٻوليءَ جي سُڃاڻ ۽ خدمت ڪير به نٿو ڪري سگهي پر اسان جا ادارا سگهڙن ۽ لوڪ ادب لاءِ ڪجھ به نه پيا ڪن.  ان موقعي تي لطيف جي پارکو ۽ تعليمي ماهر علي اڪبر مغيري ”لطيفي لات ۾ لوڪ ادب جو شمار“، ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي سميت مختلف مُحققن ۽ سُگهڙن جون لوڪ ادب خدمتون“ جي موضوع تي تقريرون ڪيون. جڏھن ته لوڪ ادب مضمون ۽ مقالن واري ويهڪ ۾ اقبال عادل مهر، گل حسن ملڪ، عبدالقادر اوڳاهي لوڪ ادب جي مختلف صنفن تي مقالا پيش ڪيا.ٽين ويهڪ رسالو ڳجهارت جي تحقيق ۽ تخليق جي حوالي سان ٿي.

تقريب ۾ صوبي پنجاب جي سگهڙن غلام نبي شيخ، عبدالعزيز شاھ، رحيم بخش سميجو، بلوچستان جي سگھڙن محمد ايوب لاشاري، الله ڏنو هانڀي، غلام محمد ڪنراڻي، علي محمد هانڀي، محمد اسماعيل لاشاري، سميت سنڌ جي مختلف علائقن لاڙ، ٿر، ڪاڇي ۽ ڪوهستان مان محمد قاسم راهمون، نذيراحمد ميمَڻ، زاهد حسين مهيسر، حاڪم علي رند، عبد الرشيد رند، محرم علي اڄڻ، عبدالصمد لغاري، علي گل رند، نصرالله ڏنڱر، لعل بيگ جکراڻي، علي بخش سومرو، احمد علي اترادي، الله بخش سامت، ڪوڙل بمبل، وزير احمد چاچڙ، علي اڪبر ڪورار، ڀورل مهر، محمد اسماعيل ڪيهر، اقبال احمد مهر، عطا محمد مهر، قائم الدين مهر، گل حسن ملڪ، عبد اللطيف سولنگي، سيد مختيار علي شاه، ارشاد علي ارضائي، مولا بخش شيدي، ديدار علي لغاري، منظور حسين اسراڻ، جمعو خان ڀٽي، الطاف حسين زهراڻي، علي گوهر خاصخيلي، شهان الدين بوزدار، راهب علي ٻگهيو، محسن علي ٻرڙو، عبد القادر اوڳاهي، عبد الستار اوڳاهي، ڪريم بخش ملڪ، صادق علي ملڪ، مير حسن ملڪ سميت هڪ سئو کان وڌيڪ ڏات ڌڻين شرڪت ڪري لوڪ ادب جي لاتين ذريعي ٻوليءَ جي پالوٽ ڪئي.

لوڪ ادب ڏھاڙي تقريب ۾ سخي سگهڙ ۽ سلات جي مرڪزي اڳواڻ عبدالخالق عرف مولابخش شيدي پاران سلات جي ميمبر سگهڙن لاءِ ڏنل عمري جي ٽڪيٽ جو ڪُڻو ڪڍيو ويو جنهن لاءِ جيڪب آباد جي سگهڙ علي اڪبر ڪورار جو نالو نڪتو ته کيس ٽڪيٽ جو تحفو ڏنو ويو جڏھن ته سخي سگهڙ ايندڙ سال ڪنهن به هڪ سگهڙ کي ڪربلا جي سفري ٽڪيٽ ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو. لوڪ ادب ڏھاڙو تقريب جي موقعي تي رات جي مانيءَ ۾ سمورن مهمانن کي سنڌ جو ثقافتي کاڌو، سرنهن جو ساڳ، بِيھ،  پلي، مريئڙي جو ٻوڙ چانورن جا چِلڙا، جوئر جا ڍوڍا ۽ ھرطرح جو روايتي کاڌو ۽ نيرن ۾ ماکي ۽ مکڻ کارايو ويو.

لوڪ ادب ڏھاڙو تقريب ۾ لوڪ ادب جي چئن ڪتابن جي پڌرائي ڪئي وئي جن ۾ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو ڊاڪٽر بلوچ جي لوڪ ادب شاعري بابت لکيل  ڪتاب ” ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي سُگهڙائپ“، ٿر جي سُگهڙ محمد قاسم راهمون جي ڪتاب ”جهانگين جي جهونگار“  ۽ سلات جي باني عاجز رحمت الله لاشاري جي ترتيب ڏنل ٻن ڪتابن، جن ۾ اتر جي سُگهڙ ارشاد علي عرضائي جي ڪتاب ” عشق امر ذات“، ۽ ڪوهستان جي ڏات ڌڻي حافظ عابد خاصخيلي جي ڪتاب ”تحفةالصالحين“ جي پڌرائي ڪئي وئي. لوڪ ادب ڏھاڙي تقريب جي مختلف ويهڪن ۾ لوڪ ادب جي مختلف صنفن جو گڏيل رنگ، سينگار شاعري، پهاڪن جي پروڙ ، لوڪ ادب شاعريءَ جي صنف هُنر جي حرفت جا مختلف نمونا، نڙ بيتن ۾ عشقيه لوڪ داستان، سُرائتيون ڳجهارتون ۽  ڏور بيت جي ڏاهپ پيش ڪئي وئي.

لوڪ ادب ڏھاڙي جي سُر ۽ ساز واري ويهڪ ۾ لوڪ موسيقي ۽ صوفياڻي راڳ دوران صوفي راڳي خادم خاصخيلي ۽ سرمد آڪاش جي ثقافتي گيتن ۽ قومي ٻولن تي نوجوان توڙي پيرسن سُگهڙ پاڻ روڪي نه سگهيا صوفياڻي رقص تي وجداني ڪيفت سان جهومندي سج اڀاريو. ٻن ڏھاڙن واري لوڪ ادب ڏھاڙي تقريب  جي پوئين آچر واري ڏينهن  16 ڊسمبر لوڪ ادب ڏھاڙي جي حوالي سان دي اسپارڪ اسڪول کان صوفي بزرگ ۽ ھفت زبان شاعر علامه هدايت علي تارڪ نجفي جي درگاھ تائين پيادل مارچ ڪري جاڳرتا ريلي ڪڍي درگاھ جي آڳنڌ تي سنڌ جي خوشحالي ۽ لوڪ ادب جي ترقي لاءِ اجتماعي دعا ڪئي وئي.