ايمرجنگ ايشيا ڪپ، ڀارت کي ٽن رنسن تان شڪست، سريلنڪا ٽائيٽل کٽي ورتو

news

ڪولمبو: آچر 16 ڊسمبر 2018ع: ايمرجنگ ايشيا ڪرڪيٽ ڪپ جي  فائنل ۾ سريلنڪا ڀارت کي سخت مقابلي کانپوءِ 3 رنسن تان شڪست ڏئي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو.

تفصيل موجب پاڪستان ۽ سريلنڪا ۾ گڏيل طور تي کيڏيل انڊر 23 ايمرجنگ ايشيا ڪپ جي فائنل سريلنڪا جي گادي واري هنڌ ڪولمبو ۾ کيڏي وئي جنهن ۾ ميزبان ٽيم سخت مقابلي ۾ پاڪستان جي روايتي مخالف ڀارت کي شڪست ڏئي ڇڏي.

فاتح ٽيم پهريان کيڏندي 7 وڪيٽن جي نقصان تي 270 رنسون ٺاهيون، ڪمينڊو مينڊس 61 ۽ بويا گوڊا 54 رنسون ٺاهي نمايان بيٽسمين رهيا جڏهن ته ڀارت طرفان انڪت راجپوت 2 رانديگن کي پويلين جو رستو ڏيکاريو.

271 رنسن جي هدف جو پيڇو ڪندي ڀارتي ايمرجنگ ٽيم 9 وڪيٽن تي 267 رنسون ئي ٺاهي سگهي ۽ اهڙي طرح ميزبان ٽيم 3 رنسن تان ڪاميابي حاصل ڪري ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو، جيانت ياديو 71 رنسن جي اننگز ۾ پنهنجي ٽيم کي فتح سان همڪنار نه ڪري سگهي.

سريلنڪا طرفان گونارتني 3 جڏهن ته امبولڊينيا ۽ جياسوريا 2،2 ڀارتي رانديگرن کي پويلين جو رستو ڏيکاريو، ڪمينڊو مينڊس کي ميچ ۽ ٽورنامينٽ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.