حيدرآباد ۾ آل سنڌ لوئر اسٽاف ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ايسوسيئيشن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

news

حيدرآباد:سومر 17 ڊسمبر 2018ع: آل سنڌ لوئر اسٽاف ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ايسوسيئيشن حيدرآباد پاران ٽائيم اسڪيل، پروموشن ۽ فوتي ڪوٽا تي نوڪريون نه ملڻ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون سخت نعريبازي ڪري احتجاج ڪيو ويو.

ان موقعي تي آل سنڌ لوئر اسٽاف ايجوڪيشن ڊپارٽمنٽ ايسوسي ايشن سنڌ جي صدر فقير محمد چانگ. آصف خان ۽ ٻين چيو ته سيڪريٽري تعليم اڃان تائين لوئر اسٽاف جي ٽائم اسڪيل جو نوٽيفڪيشن جاري ناهي ڪيو هنن الزام هڻندي چيو ته فنانس ڊپارٽمنٽ جا عملدار کين ٽائم اسڪيل جاري ڪرڻ لاءِ رشوت گهري رهيا آهن.

هنن لاڳاپيل اختيارن کان مطالبو ڪيو ته حيدرآباد جي 83 ملازمن جون بند پگهارون بحال ڪيون وڃن ٽائيم اسڪيل جو نوٽيفڪيشن جلد جاري ڪري ملازمين کي ٽائم اسڪيل سميت فوتي ڪوٽا، پروموشن ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ آل سنڌ لوئر اسٽاف ايجوڪيشن ڊپارٽمنٽ جا ملازم ڪراچي ۾ پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪندا.1