حيدرآباد ۾ واسا ملازمن پاران پڪو نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

news

حيدرآباد: سومر 17 ڊسمبر 2018ع:حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽي ايمپلائيز يونين حيدرآباد پاران واسا ملازمن کي گذريل 5 مهينن کان پگهارون نه ملڻ، ڪچن ملازمن کي پڪو نه ڪرڻ  خلاف حيدرآباد  پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي يونين اڳواڻ اعجاز حسين، بهرام خان، عبدالقيوم ۽ ٻين چيو ته ايڇ ڊي اي جي انتظاميا سان گڏوگڏ مڪاني ادارو  به واسا جي ملازمن سان راند کيڏي رهيو آهي،  جڏهن ته ملازم ۽ انهن جا خاندان فاقاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن.

هنن چيو ته حاضر سروس ملازم گذريل 5 مهينن کان پگهارن کان ۽ رٽائرڊ ملازم پينشن کان محروم آهن، هنن چيو ته  انتظاميا ٺلها دلاسا ڏئي رهي آهي، هنن سنڌ حڪومت توڙي مڪاني اداري کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي کين پگهارون ۽ پينشن مراعتون ڏئي انصاف فراهم ڪيو وڃي.01