ڀارتي بدران پاڪستاني راڳي هجان ها ته بهتر هو: سونو نگم

news

 ممبئي: اڱارو 18 ڊسمبر 2018ع: بالي ووڊ جي جڳ مشهور راڳي سونو نگم جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن سندس واسطو ڀارت بدران پاڪستان سان هجي ها ته بهتر هو.

ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ مطابق بالي ووڊ گلوڪار سونو نگم هڪ انٽرويو دوران چيو ته جيڪڏهن هو ڀارت بدران پاڪستاني راڳي هجي ها ته وڌيڪ بهتر هجي ها، گهٽ ۾ گهٽ گلوڪاري لاءِ کيس ڀارت مان وڌيڪ آڇون ته اچن ها.

سونو نگم چيو ته اڄ جي زماني ۾ ميوزڪ ڪمپنين کي شو ڪرائڻ لاءِ راڳين کي وڏي رقم ادا ڪرڻي پوندي آهي نه ته اهي ڪمپنيون ٻين راڳين جي نالي ۽ گيتن جي مشهوري ڪرڻ شروع ڪري ڇڏينديون آهن، جڏهن ته پاڪستاني گلوڪارن لاءِ ائين ناهي ڪيو ويندو، رڳو ڀارتي ڳائڻن سان ئي اهو سڀ ڪجهه ڪيو ويندو آهي.

انٽرويو دوران سونو نگم چيو ته عاطف اسلم منهنجو سٺو دوست آهي، کيس يا وري راحت فتح علي خان کان به ڪڏهن ڪنهن ڪمپني پئسن جي ادائيگي بابت مطالبو ناهي ڪيو، اهو رڳو ڀارتي راڳين سان ئي ٿي رهيو آهي.