ڏوڪري ۾ سماجي تنظيم پاران مفت اکين جي علاج لاءِ ڪئمپ لڳائي وئي

news

ڏوڪري: اڱارو 18 ڊسمبر 2018ع:ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ سماجي ڪم ڪندڙ تنظيم سماج سڌارڪ ٽيم پاران ڳوٺ ٻلهڙيجي جي لائبريري ۽ ريسورس سينٽر ۾ مفت اکين جي علاج لاءِ ڪئمپ لڳائي وئي، جنهن ۾ گمبٽ جي اکين واري اسپتال کان آيل ڊاڪٽر سينگار علي ميمڻ ڳوٺ ٻلهڙيجي سميت ڀرپاسي جي مختلف ڳوٺن جي مريضن جو مفت اکين جو چيڪ اپ ڪيو، جنهن ۾ مريضن جو انگ 98 رهيو، جن مان ڪيترن کي ڊرافس، ڪنهن کي چشمو ته ڪنهن کي آپريشن لاءِ رفر ڪيو ويو. 

جڏهن ته هيپاٽائٽس بي ۽ سي جي اسڪرينگ پي پي ايڇ آءِ جي تعاوف سان ٽيسٽ ٽيڪنيشن ساجد علي انصاري ڪئي، جنهن ۾ 73 ماڻهن جي ٽيسٽ ڪئي وئي، جنهن 14 ماڻهن کي هيپاٽائيٽس سي ظاهر ٿي، جڏهن ته 4 مريضن کي هيپاٽائٽس بي جو وائرس ظاهر ٿيو، سماج سڌارڪ جي اڳواڻن موجب ڄاڻايو ويو ته هن مرحلي بعد اکين جي آپريشن ڪرائڻ ۽ هيپاٽائٽس جي مريضن کي مفت ڪورس وٺرائي ڏيڻ جو مرحلو شروع ڪيو ويندو، جنهن جي حوالي سان تنظيم ڳالهيون ٻوليون ڪري رهي آهي.

واضح رهي ته سماج سڌارڪ ٽيم ڳوٺ اندر صفائي ۽ صحت جي ڪمن ۾ سرگرم رهي پر مختلف وقتن تي ڳوٺ کان ٻاهر ۾ صحت لاءِ ڪئمپون قائم ڪيون آهن، جنهن عمل جي هر ماڻهو واکاڻ پئي ڪئي،  اڄوڪي ڪئمپ ۾ آيل مرد عورتن توڙي ٻارڙن سماج سڌارڪ ٽيم جي هن عمل ساراهه ڪئي ۽ هر ممڪن مدد جي خاطري پڻ ڪرائي.

ڪئمپ تي سماج سڌارڪ ٽيم جا اڳواڻ جمشيد علي پيرزادي، فراز پيرزادو، امجد علي پيرزادو، اعجاز علي ساريو، سائين جاويد پيرزادو، منير علي ماڇي، بخت پيرزادو ۽ ٻيا موجود هئا.

هنن چيو ته جلد مريضن کي مفت ڪورس وٺرائي ڏيڻ واري عمل کي پورو ڪيو ويندو ۽ اکين جا آپريشن ڪرائيندڙ مريضن سان به سماج سڌارڪ ٽيم مڪمل سهڪار ڪندي.

گمبٽ کان آيل ڊاڪٽر سينگار علي ميمڻ ۽ ساجد علي انصاري پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي سماجي ڀلائي جي ڪم ۾ حصو ورتو، جڏهن ڊاڪٽر ساجد سماج سڌارڪ ٽيم جي ڪم جي ساراهه ڪندي چيو آهي ته مان صحت سان وابسطا سمورن شين ۾ هن ٽيم سان گڏ آهيان ۽ پاڻ کي سماج سڌرڪ ٽيم جو حصو سمجهان ٿو.01