مون ۾ ڪيتريون ئي خاميون آهن ۽ مان هڪ ڪمزور انسان آهيان: شاهه رخ خان

news

 ممبئي: اڱارو 18 ڊسمبر 2018ع: بالي ووڊ اداڪار شاهه رخ خان چيو آهي ته هر عيب کان پاڪ رڳو الله جي ذات آهي.

ڀارتي سڌ سماءَ جي ذريعن موجب اداڪار شاهه رخ خان هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته هو پنهنجي هر پرفيڪشن کان گهڻو پري آهي ڇو ته هن ۾ گهڻيون خاميون آهن ۽ خوبيون ۽ خاميون هر انسان ۾ هونديون آهن، هر عيب کان پاڪ رڳو الله جي ذات آهي. هن چيو ته هو حقيقت ۾ هڪ ڪمزور انسان آهي ۽ هن جو خيال آهي ته سندس مداح مون کي غلطين ۽ خامين سميت پسند ڪندا آهن.

شاهه رخ خان چيو ته مون کي ڊانس  ناهي ايندي ۽ نه وري خوبصورت آهيان ۽ نه وري بهترين اداڪاري ڪري سگهان ٿو جيڪڏهن مون ۾ اهي خاميون نه هجن ها ته مان هڪ بهترين اداڪار هجان هان.