سڊني: اڱارو 18 ڊسمبر 2018ع: طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته ٽائپ ٽو شگر دماغ کي ڪمزور ڪري ٿي ڇڏي. ماهرن پاران پهريون ڀيرو هڪ ڊگهي سروي ۾ ٽائپ ٽو شگر ۽ دماغ وچ ۾ تعلق کي دريافت ڪيو ويو آهي.
يورپي شگر تنظيم جي مئگزين ”ڊائيبيٽائلوجي“ ۾ شايع ٿيل رپورٽ مطابق آسٽريليا جي شهر هوبارٽ ۾ تسانيا يونيورسٽي جي ماهرن لڳاتار پنجن سالن تائين شگر جي مريض جو جائزو ورتو، جنهن ۾ انهن شگر ۾ مبتلا مريضن جي دماغي حالتن ۽ سرگرمين کي هدف بڻايو.
ماهرن 55 کان 90 سالن جي عمر جي 705 اهڙن مريضن جو جائزو ورتو، جيڪي وڌندڙ عمر سان گڏ گهٽ دماغي صلاحيتن جو شڪار هئا. سمورن مريضن جا ايم آر آءِ اسڪين ڪيا ويا ۽ انهن جي دماغ جو جائزو ورتو ويو.