پوليس فار يو: سکر جي نوجوان پوليس کي انقلابي ايپ تيار ڪري ڏئي ڇڏي

news

 ڪراچي: اڱارو 18 ڊسمبر 2018ع: شڪايتون داخل ڪرائڻ لاءِ شهرين کي هاڻي نه ٿاڻي تي وڃڻ جي ضرورت پوندي ۽ نه ئي پوليس ڏانهن وڃڻو پوندو، سکر جي انجينئر ڪراچي پوليس لاءِ پوليس فار يو نالي ايپ تيار ڪري ورتي، هاڻي گهر ۾ ويهي ڪجهه سيڪنڊ ۾ ڏوهه جي رپورٽ داخل ٿي سگهندي.

ڪراچي شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۽ تشدد جي واقعن ۾ واڌارو ٿي ويو آهي، جنهن کان پوءِ ڏوهه روڪڻ ڪراچي پوليس لاءِ هڪ چئلينج بڻجي ويو آهي، هن چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ سکر سان تعلق رکندڙ هڪ سافٽ ويئر انجينئر ڪراچي پوليس لاءِ جديد موبائيل فون اپليڪيشن تيار ڪري ورتي آهي، جنهن جي مدد سان شهري گهر ويٺي ڪجهه سيڪنڊن ۾ موبائيل فون، گاڏي کسڻ يا ڪنهن چوري ڦر ڌاڙي يا ڪنهن به قسم جي ڏوهه جي ڪجهه سيڪنڊن ۾ رپورٽ داخل ڪرائي سگهندا.

ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ڊاڪٽر امير احمد شيخ مطابق هي موبائيل فون ايپ ڪراچي جي شهرين لاءِ نئين سال جو تحفو هوندو. هن ٻڌايو ته شهري ڏوهه جي رپورٽ پاڪستان ئي نه پر دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ ويهي داخل ڪرائي سگهندا ۽ ان تي پوليس فوري طور تي ان شهري جي مالڪي يا مدد لاءِ به پهچندي، هن ايپ جي مدد سان ڪراچي ۾ سڄي دنيا جا قونصليٽ به ڪجهه منٽن ۾ پوليس کان مدد وٺي سگهندا.

سکر سان تعلق رکندڙ آءِ ٽي انجنيئر سيد مدثر زيدي ٻڌايو ته هو ڪراچي پوليس ئي نه پر پاڪستان ريلوي لاءِ به ٽرينن جي ٽريڪنگ جو ايپ تيار ڪري چڪو آهي. هن ٻڌايو ته ڊاڪٽر امير احمد شيخ ڪراچي پوليس کي تبديل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي، هن ڪو معاوضو وٺڻ بنا پوليس فار يو نالي ايپ ذريعي پنهنجو حصو وڌو آهي، شهرين جي سهولت لاءِ موبائيل اپليڪيشن تيار ڪئي آهي ان ايف سي ٽيسٽنگ جو ڪم جاري آهي، ايپ ۾ موبائيل فون، موٽر سائيڪل، گاڏي، ڪيش سميت ٻئي قسم جا ڏوهه رپورٽ ڪجهه سيڪنڊن ۾ داخل ٿي سگهندي. هن ٻڌايو ته ايپ ۾ رجسٽريشن ڪرڻ وقت شهري جو موبائيل فون نمبر، سڃاڻپ ڪارڊ نمبر ۽ پتو محفوظ هوندو.