گمبٽ ويجهو اڻڄاتل جوابدارن پاران اهلڪار سان رائفل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش، مزاحمت تي زخمي

news

گمبٽ: اڱارو 18 ڊسمبر 2018ع:گمبٽ تعلقي جي بهارو ٿاڻي جي حد مان اڻڄاتل ڏوهارين بهارو ٿاڻي جي اهلڪار امتياز علي پٽ مدد علي ڪلهوڙو کان رائفل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس اهلڪار ساڻن مزاحمت ڪري رائفل ڦرجڻ کان بچائي ورتي.

جڏهن ته ڏوهاري اهلڪار مٿان تشدد ڪندي کيس زخمي ڪرڻ بعد گولين سميت ميگزين ڦر ڪري فرار ٿي ويا. زخمي اهلڪار کي گمبٽ گمس اسپتال جي ٽراما سينٽر داخل ڪرايو ويو آهي.

هوڏانهن گمبٽ قومي شاهراهه ڀرسان پپري لنڪ روڊ تي چنگچي جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ 50 ورهين جو تراب علي مهر زخمي ٿي پيو. جنهن کي پڻ علاج لاءِ گمس اسپتال پهچايو ويو.01