پاڪستاني وومين ٽيم جي هيڊڪوچ پاران ڀارتي ٽيم جي ڪوچنگ لاءِ درخواست ڏيڻ جو انڪشاف

news

 لاهور: اربع 19 ڊسمبر 2018ع: پاڪستاني وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مارڪ ڪولز طرفان ڀارتي ٽيم جي ڪوچنگ لاءِ درخواست ڏيڻ جو انڪشاف سامهون آيو آهي.

رپورٽن مطابق ڀارت وومين ڪوچ جي مقرري لاءِ درخواستون طلب ڪيون هيون، جنهن لاءِ پاڪستاني وومين ٽيم جي هيڊ ڪوچ مارڪ ڪولز جي به درخواست ڀارت کي ملي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته مارڪ ڪولز ڀارتي وومين ٽيم جي ڪوچ لاءِ شارٽ لسٽ پڻ ٿي ويو ۽ سندس انٽرويو لاءِ به رابطو ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته مارڪ ڪولز جو پي سي بي سان 2020ع تائين معاهدو ٿيل آهي.

ٻئي پاسي مارڪ ڪولز جي ذريعن مطابق ايجنٽ ڀارتي وومين ڪوچ لاءِ درخواست جمع ڪرائي پر ڀارت جي رابطي ڪرڻ تي درخواست واپس وٺي ڇڏي هئي. مارڪ ڪولز جي ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته درخواست جمع ٿيڻ هڪ مس انڊر اسٽينڊنگ هئي، پي سي بي سان معاهدي جي ڪمٽمينٽ آهي.