پاڪستان هاڪي ٽيم مان ست سينيئر رانديگرن کي فارغ ڪرڻ جو فيصلو

news

 لاهور: اربع 19 ڊسمبر 2018ع: هاڪي عالمي ڪپ شرم جوڳي ڪارڪردگي سبب رضوان ۽ عرفان سينيئر سڌو 7 سينيئر رانديگرن کي ٽيم مان فارغ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

رپورٽن مطابق قومي هاڪي ٽيم مان راشد محمود کي فارغ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، هيڊ ڪوچ توقير ڊار جي استعيفيٰ ڏيڻ کانپوءِ هاڻي اولمپئين قمر ابراهيم کي قومي هاڪي ٽيم جي ڪوچنگ جو ذميواريون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ جلد سندس مقرري جو اعلان ڪيو ويندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته قمر ابراهيم سان گڏ سمير حسين کي ڪوچنگ اسٽاف ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته اسسٽنٽ ڪوچ ريحان بٽ کان ذميواريون واپس وٺڻ جو امڪان آهي. قومي هاڪي ٽيم جي ايندڙ اسائنمينٽ پرو هاڪي ليگ آهي، جنهن لاءِ ٽريننگ ڪيمپ پهرين جنوري کان لڳندي.