پاڪ فوج آواران ۾ زلزلي متاثرن کي گهرن ۽ دڪانن جون چاٻيون ڏئي ڇڏيون آهن: آءِ ايس پي آر

news

 راولپنڊي: اربع 19 ڊسمبر 2018ع: پاڪ فوج آواران جي علائقي مشڪئي ۾ ماڊل ڳوٺ تيار ڪري گهر ۽ دڪان 2013ع جي زلزلي متاثر ماڻهن حوالي ڪري ڇڏيا آهن.

آءِ ايس پي آر مطابق بلوچستان جي ضلعي آواران ۾ مشئڪي ماڊل ڳوٺ جو منصوبو مڪمل ڪيو ويو. ڪمانڊر سدرن ڪمانڊ ليفٽيننٽ جنرل عاصم سليم باجوا گهرن ۽ دڪانن جون چاٻيون 2013ع جي زلزلي متاثرن جي حوالي ڪيون آهن.

پاڪ فوج پاران ماڊل ڳوٺ جو هي منصوبو 6 مهينن ۾ مڪمل ڪيو ويو، جتي اسڪول، مارڪيٽ، پاڻي جي سهولت موجود آهي، ان کانسواءِ ماڊل ڳوٺ ۾ شمسي توانائي ذريعي بجلي به فراهم ڪئي وئي آهي.

آءِ ايس پي آر مطابق مقامي ماڻهن امن، استحڪام، سماجي ۽ ترقي لاءِ پاڪ فوج جي ڪوششن تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو آهي.