شاهه سلمان پاران شهرين کي روزاني جي خرچن لاءِ هڪ هزار ريال مهيني وار الائونس طور ڏيڻ جو حڪم

news

 رياض: اربع 19 ڊسمبر 2018ع: سعودي عرب جي شاهه سلمان بن عبدالعزيز هڪ شاهي فرمان ذريعي سعودي شهرين کي روزاني جي خرچن کي پورو ڪرڻ لاءِ هڪ هزار ريال مهيني وار ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. اهو حڪم سرڪاري ملازم سعودي شهرين، فوجين ۽ پينشنرن تي لاڳو ٿيندو.

سعودي سرڪاري خابرو اداري موجب شاهي فرمان ۾ چيو ويو آهي ته سعودي عرب جي سماجي انشورنس جي عام نظام مان فائدو حاصل ڪندڙ پينشنرن کي هر مهيني 500 ريال ادا ڪيا ويندا. شاگرد ۽ شاگردياڻين جي مهيني وار الائونس ۾ 10 سيڪڙو اضافو ڪيو ويندو.

اهو فرمان هڪ مالياتي سال تائين لاڳو رهندو ۽ ان کانپوءِ سماجي تحفظ جي نظام جو نئين سر جائزو ورتو ويندو.