حيدرآباد ۾ قاضي احمد جي رهواسي جو ناٺين جي ظلم خلاف احتجاج

news

حيدرآباد: اربع 19 ڊسمبر 2018ع:قاضي احمد جي ڳوٺ صوفي ڏاهري جي رهواسي الله ڏنو چانڊيو بااثر ماڻهو غلام نبي شاهه عرف علي شاهه جي چرچ تي ناٺين پاران سندس گهر تي قبضو ڪري باهه ڏئي ساڙڻ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي هن الزام هڻندي چيوته ڄاڻايل بااثر ماڻهو جي چرچ تي سندس ناٺين قربان ڏاهري، روشن ڏاهري، جان محمد ڏهري ۽ حاجن ڏهري سندس گهر کي باهه ڏئي کيس بي گهر ڪري ڇڏيو آهي.

هن چيو ته ڄاڻايل معاملي بابت علائقي جي چڱن مڙسن ۽ پوليس کي شڪايت ڪئي آهي پر سندس جي ڪير به ٻڌڻ وارو ناهي.

هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته بااثر ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري ساڻس انصاف ڪيو وڃي.01