حيدرآباد ۾ اسرا يونيورسٽي بچايو ڪاميٽي پاران اسپتال انتظاميا جي مبينا ڪرپشن خلاف ريلي

news

حيدرآباد: اربع 19 ڊسمبر 2018ع:اسرا يونيورسٽي بچايو ڪاميٽي پاران اسرا اسپتال انتظاميا جي مبينا ڪرپشن خلاف حيدرآباد حيدرچوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ شريڪ ماڻهن اسرا اسپتال جي ڪرپشن خلاف سخت نعري بازي ڪئي.

ان موقعي تي ڪاميٽي جي ڪنوينراشرف نوناري مير مرتضيٰ ڌونئرو، راجو ڀيل ۽ ٻين چيو ته اسرا اسپتال هڪ خيراتي اسپتال آهي جنهن جو سڄو انتظام عوام پاران ڏنل چندي واري رقم تي هلندو آهي،

هن چيو ته هڪ خيراتي اسپتال جي آڙ ۾ اسپتال هلائيندڙ انتظاميا ماڻهن کان چندو حاصل ڪري رهائشي اسڪيمون اسڪول ڪاليج قائم ڪري ڪروڙين رپين جو غير قانوني ڪاروبار شروع ڪري اربين رپيا ڪمائي رهي آهي.

جڏهن ته اسرا اسپتال ۾ ايندڙ مريض ۽ داخل ٿيندڙ مريضن کان هزارين رپيا فيسن جي مد ۾ ورتا وڃن ٿا. جنهن سان خيراتي اسپتال وارو معيار ختم ٿيندي نظر اچي رهيو آهي.

هنن چيو ته اسرا اسپتال جي انتظاميا ايندڙ مريضن کي ٻنهي هٿن سان ڦري رهي آهي. هنن چيئرمين نيب، اينٽي ڪرپشن ۽ ٻين جاچ ڪندڙ ادارن کان مطالبو ڪيو ته اسرا خيراتي اسپتال ۾ ٿيل ڪرپشن جي اڻ ڌري جاچ ڪرائي ڪرپٽ انتظاميا کي هٽايو وڃي.01