زرعي يونيورسٽي محدود وسيلا هئڻ باوجود زراعت جي ترقي لاءِ مثالي ڪم ڪري رهي آهي: اسماعيل راهو

news

حيدرآباد:اربع 19 ڊسمبر 2018ع: زراعت کاتي جي صوبائي وزير ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي پرووائيس چانسلر محمد اسماعيل راهو چيو آهي ته زراعت شعبو هڪ اهم شعبو آهي ۽ سنڌ سميت سڄي ملڪ جي معيشت جو دارو مدار پڻ زراعت تي آهي ۽ زراعت کي هٿي وٺرائڻ ۽ لاڳاپيل ماڻهن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جون خدمتون مثالي آهن. زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام سنڌ جي واحد يونيورسٽي آهي جتان زراعت جا ماهر پيدا ٿين ٿا ۽ اهي ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ زراعت جي ترقي لاءِ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏين ٿا.

اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي 11 هين ڪانووڪيشن جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته زرعي يونيورسٽي محدود وسيلن هئڻ جي باوجود به نين جنسن جي لاءِ تحقيق ۽ زراعت جي ترقي لاءِ مثالي ڪم ڪري رهي آهي. سنڌ جون زرعي زمينون ايراضي جي لحاظ کان وڌيڪ پيداوار ڏين ٿيون.

ان موقعي تي هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته زرعي يونيورسٽي سڄي ملڪ جي زراعت جي ترقي لاءِ پنهنجي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائيندي ۽ ان حوالي سان سنڌ حڪومت به هر ممڪن سهڪار فراهم ڪندي ۽ هتان تعليم حاصل ڪندڙ شاگرد سڄي ملڪ جي زرعي ترقي ۾ پنهنجو نمايان ڪردار ادا ڪندا.

هن زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام مان پاس ٿيندڙ شاگردن ۽ مختلف شعبن ۾ ميڊل حاصل ڪندڙ شاگردن کي مبارڪباد ڏيندي صلاح ڏني ته صوبي ۽ ملڪ جي زرعي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن جي آگاهي ۽ جديد زراعت جي ترقي سميت گهٽ پاڻي تي آباد ٿيندڙ فصلن جي حوالي سان اسان جي هارين ۾ شعور بيدار ڪرڻ لاءِ پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ زراعت ۾ تحقيق تي به گهڻو ڌيان ڏين.
هن چيو ته جيئن ته يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ٻڌايو ته يونيورسٽي ۾ داخلا وٺڻ وارن شاگردن جو انگ هر سال وڌندو رهي ٿو، جيڪا يونيورسٽي جي استادن ۽ انتظاميا جي هڪ وڏي ڪاميابي سان گڏوگڏ شاگردن لاءِ به هڪ فخر جي ڳالهه آهي.

هن چيو ته هر ادارو پنهنجي تعريف پاڻ ڪندو آهي، جڏهن ته ٻيا ادارا به تعريف ڪن ته ان سان حوصلا افزائي ٿيندي. هن چيو ته بيروزگاري جهڙا مسئلا اسان جي ملڪ ۽ صوبي ۾ موجود آهن ۽ انهن کي حل ڪرڻ لاءِ زرعي يونيورسٽي تمام جوڳا قدم کنيا آهن.

ان موقعي تي سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب الدين سحرائي جو چوڻ هو ته يونيورسٽي  جو قيام 1977 ۾ ٿيو هو، جڏهن ته هينئر تائين يونيورسٽي مان 37 هزار کان وڌيڪ  شاگرد گريجوئيٽس ۽ پوسٽ گريجوئيٽس جون ڊگريون حاصل ڪري چڪا آهن، جڏهن ته 137 اسڪالرز پي ايڇ ڊي جون ڊگريون حاصل ڪيون آهن، جن مان اڌ کان وڌيڪ پي ايڇ ڊي اسڪالرز گذريل چئن سالن ۾ ڊگريون حاصل ڪيون آهن.

هن ٻڌايو ته يونيورسٽي جي 11 هين ڪانووڪيشن ۾ 784 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي گريجوئيشن ۽ پوسٽ گريجوئيشن جون ڊگريون ڏنيون ويون، جڏهن ته 25 اسڪالرز کي پي ايڇ ڊي جي ڊگري ۽ 26 نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن کي ميڊل ڏنا ويا.01